سنڌ

ايم ڪيو ايم جا 100 کان وڌيڪ ڪارڪن ۽ اڳواڻ پ پ ۾ شامل

ايم ڪيو ايم پاڪستان حيدرآباد جي 100 کان وڌيڪ ڪارڪنن ۽ اڳوڻن بلدياتي نمائندن پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ وزيراعليٰ سنڌ جي معاون خصوصي ۽ پ پ حيدرآباد جي صدر صغير قريشي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته لطيف آباد ۽ حيدرآباد شهر سان تعلق رکندڙ ايم ڪيوايم پاڪستان جي سيڪٽر انچارجن ۽ اڳوڻن يوسي چيئرمينن پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي جمهوري پارٽي آهي، جنهن هميشه عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته حيدرآباد ۾ جلد ترقياتي ڪم شروع ٿيندا، جنهن ۾ حيدرآباد جي شهري علائقي ۽ لطيف آباد لاءِ الڳ ترقياتي اسڪيمون سنڌ حڪومت کان ورتيون وينديون. ان موقعي تي احسان ابڙو، پاشا قاضي، رجب خاصخيلي ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button