سنڌ

صفائي لاءِ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ قائم ڪيو آهي:ناصر شاهه

صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه ايئرپورٽ روڊ لاڙڪاڻي تي صفائي سٿرائي جي معائني بعد ڳالهائيندي چيو ته لينڊ فل سائيٽ شهر کان ٻاهر منتقل ڪئي پئي وڃي، صوبي جي وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ وڌيڪ صفائي لاءِ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو ٺيڪو ميرٽ جي بنياد تي چائنا ڪمپني ڊينزو انٽرنيشنل کي ڏنو آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ ڊينزو انٽرنيشنل ڪمپني پهرين مرحلي ۾ شهر جي صفائي جو ڪم ڪري رهي آهي ۽ ٻئي مرحلي ۾ ڊسمبر کان گهر گهر مان ڪچرو کڻندي. هن چيو ته سنڌ سالڊ ويسٽ جي قيام سان شهر ۾ صفائي جو مسئلو حل ٿي ويندو. نومبر جي آخر تائين ڪراچي جو ڪچرو صاف نظر ايندو، حيدرآباد ۽ سکر سميت ٻين ضلعن ۾ صفائي جو ڪم شروع ڪيو ويندو. سالڊ ويسٽ مئنجمنٽ لا ملڪ ۾ سهولتون نه آهن نه ئي اهڙيون مشينون موجود آهن ۽ ڳالهه صرف صفائي جي نه پر ڪچرو کڻي ٺڪاڻي لڳائڻ سان گڏ ڪچري مان انرجي حاصل ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button