پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ مٺن پاڻين جي 600 ڍنڍن ۽ ڍورن تي قبضا آهن:فشر فوڪ

بدين ۾ پاڪستان فشر فوڪ فورم جيم خانه گرائونڊ تي مٺن پاڻين بابت مذاڪرو ڪوٺايو، ان موقعي تي فشر فوڪ فورم چيئرمين غلام مصطفى ميراڻي، وائيس چيئرمين ياسمين شاهه، حاجي نبي بخش ملاح، محمد عمر ملاح ۽ ٻين چيو ته سڄي سنڌ ۾ مٺن پاٽين جي 600 ڍنڍن ۽ ڍورن تي قبضا آهن. بدين ۾ نيرو ڍورو ۽ نصير ماڻڪ واهه تي مختلف وڏيرن جا قبضا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ 28 سيپٽمبر 2017ع ضلع انتظاميه کي حڪم ڏنو ته مٺن پاڻين ۽ ان جي ڀرپاسي ٿيندڙ قبضاگيري کي روڪيو وڃي. فشريز کاتي کي هدايت ڪئي ته سمورن ماهيگيرن کي بنا ڪنهن فرق جي لائسنس جاري ڪيا وڃن. هنن چيو ته هي پروگرام قبضا ختم ڪرائڻ ۾ رستي جو تعين ڪندو. آخر ۾ قرارداد ذريعي مطالبو ڪيو ويو ته واهن جي پڇڙين جي کوٽائي ڪرائي ڍنڍن کي قانوني طور پاڻي فراهم ڪيو وڃي. غير مقامي ماڻهن کي لائسنس نه ڏنو وڃي. يو سي سيراڻي ۾ لوڪل گورنمينٽ کي ڏنل بلڊنگ جو نالو سائين محمد علي شاهه رکيو وڃي. نريڙي ڍنڍ ۾ کنيل غير قانوني زمينون رد ڪيون وڃن. ايل بي او ڊي جا بند ٻڌائي ۽ ساڳي طرح چولري ويل ٺاهيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button