سنڌ

معظم عباسي ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاڙڪاڻي مان چونڊيل جي ڊي اي جي ايم پي اي معظم علي عباسي برسات متاثرن جي مدد نه ڪرڻ تي احتجاج طور ايم پي اي شپ تان استعيفى ڏئي ڇڏي. معظم علي عباسي پنهنجي استعيفى اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. ان حوالي سان معظم علي عباسي چيو آهي ته تازو برساتن ۾ انتظاميا مڪمل طور تي پيپلز پارٽي جي ڪنٽرول هيٺ ڪم ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽي عوام کي امداد فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي. حڪمرانن جي نااهلي سبب سنڌ اڄ ڏکئي دور مان گذري رهي آهي. هن چيو ته حڪومتي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب مختلف ادارا ڪم نه پيا ڪن. موجوده صورتحال ۾ مان هڪ عوامي نمائندي جي حيثيت ۾ بيوسي محسوس ڪري رهيو آهيان، تنهن ڪري اهڙي صورتحال سبب مان پنهنجي تڪ لاءِ ڪجهه به نٿو ڪري سگھان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button