سنڌ

قمبر ۾ بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪول جي استادن جو احتجاج

قمبر بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪول ٽيچرس ايسوسيئيشن جي اڳواڻن ريگولر نه ٿيڻ ۽ پگھارون نه ملڻ خلاف پريس پريس ڪلب احتجاج ڪيو. ان موقعي تي عبدالجبار خشڪ، مظهر علي چانڊيو، غلام علي ڀٽي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت ٻن ادارن جو بنياد رکيو هو، هڪ ليڊي هيلٿ ورڪر ۽ ٻيو بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪول، ليڊي هيلٿ ورڪرن کي پڪو ڪيو ويو آهي پر اسان کي هن وقت تائين پڪو ناهي ڪيو ويو. ٻين صوبن ۾ بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪولن جي استادن کي پڪو ڪيو ويو آهي پر سنڌ ۾ هن وقت تائين اسان کي اڃا تائين پڪو ناهي ڪيو ويو. پنجن مهينن کان پگهارون بند هجڻ ڪري سخت پريشانين ۾ مبتلا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button