سنڌ

قمبر ويجهو ۾ کنڀي گم ڪيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

قمبر ويجهو پير ڳوٺ جي رهواسين پوليس پاران نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي پير ڳوٺ جي رهواسين ممتاز علي، محمد جمن، سعدالله، بشير احمد چانڊيو، مجاهد علي ۽ ٻين ٽئين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ قمبر شهدادڪوٽ با پاس ويجهو قمبر پوليس چيڪنگ دوران جلال مغيري ۽ ساڻس موٽرسائيڪل تي سوار گهرام بروهي کي بيهاريو هو، سندس دوست کي آزاد ڪري ڇڏيو پر جلال مغيري کي پوليس کنڀي پاڻ سان کڻي وڃي گم ڪري ڇڏيو آهي. هنن ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبرشهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته سندس ڀاءُ کي بازياب ڪرائي بي چيني ختم ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button