سنڌ

قمبر ۾ ريڙهو هلائيندڙ پورهيت جو علاج نه ٿيڻ خلاف احتجاج

قمبر جي گئوشالا پاڙي جي رهواسي ريڙهو هلائيندڙ پورهيت مشتاق احمد شابراڻي علاج نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. پورهيت مشتاق شابراڻي دانهيندي چيو آهي ته 18 سالن کان بلڊ ڪينسر ۾ مبتلا آهيان، ان جو علاج شوڪت خانم اسپتال مان ملندو هو، جنهن بعد سنڌ حڪومت پاران ڪراچي سول اسپتال مان علاج ملڻ لڳو پر 6 مهينن کان سنڌ حڪومت به دوائون ڏيڻ بند ڪري ڇڏيون آهن. جنهن ڪري جسم ۾ وڏي تڪليف وڌي رهي آهي. هن چيو ته پرائيويٽ اسٽور تي هڪ لک 20 هزار روپين ۾ ملي رهيون آهن، مان ريڙهو هلائي ٻچڙن جو روزگار ڪري پيٽ پالي رهيو آهيان پر مون وٽ دوا وٺڻ جي طاقت ناهي، مسڪين ۽ غريب آهيان. هن وزيراعظم، وڏي وزير ۽ وسوارن کي اپيل ڪئي ته منهنجي مدد ڪري بلڊ ڪينسر جون دوائون ڏياري زندگي بچائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button