سنڌ

ڪشمور ۾ ڳوٺاڻن جو بخشاپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو

بخشاپور جي ڳوٺ بالاچ ڊومڪي جي رھواسين بخشاپور پوليس جي ناجائزين خلاف پريس ڪلب ڪشمور آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺاڻن دانھيندي چيو ته 5 مھينا اڳ ڪنڌڪوٽ سيشن ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ بخشاپور واسي بالاچ ڊومڪي ۽ گل پري کي ڳوٺ جي چڱي مڙس پيار پرڻي خلاف جرڳو ڪوٺائي ٻنهي کي ڪارو ڪاري قرار ڏنو. سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران جرڳو ڪندڙ جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جي حڪم بعد پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان بالاچ ڊومڪي جي ڀاءُ گلزار ڊومڪي کي ھڪ مھينو اڳ قتل ڪري 3 ڄڻن کي گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو. بخشاپور پوليس ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران اسان جي گهر تي چڙهائي ڪري 6 ڄڻن کي کنڀي کڻي وئي آهي. بخشاپور پوليس اسان کي پنهنجي زمين ۾ سارين جي فصل جو لاڀ ڪرڻ کان روڪي ورتو آهي. بخشاپور ٿاڻي جو ايس ايڇ او نوجوان کي قتل ڪندڙ جوابدار ڌر سان راڄوڻي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي ناحق گرفتاريون ڪري حراسان ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button