سنڌ

جونگل ويجهو شهيد پوليس اهلڪار جي خون جو جرڳو، 55 لک ڏنڊ

جونگل ويجهو 5 مهينا اڳ پوليس چڙهائي دوران ڳوٺاڻن هٿان شهيد ٿيل پوليس اهلڪار پرويز بنگلاڻي جي خون جو جرڳو مقدم مير جهانگير بنگلاڻي جي سرپئنچي ۾ ٿي گذريو، ڏوهي ڌر مٿان 55 لک روپيا ڏنڊ لڳايو ويو. ڳوٺ جان محمد درڪي ۾ پنج مهينا اڳ بي سيڪشن پوليس قتل جي ڪيس ۾ گهربل ٻن روپوش جوابدار علي گوهر سهندڙو ۽ مير حسن سهندڙو جي گرفتار لا ڳوٺ حسن محمد سرڪي تي چڙهائي ڪئي ته اتان جي ڳوٺاڻن مزاحمت ڪندي سروٽن ۽ لٺين جو استعمال ڪندي پوليس اهلڪار پرويز بنگلاڻي کي شهيد ڪري ڇڏيو هو. اهڙي واقعي بعد بي سيڪشن پوليس 5 عورتن سميت 39 ڄڻن مٿان سرڪاري فرياد تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو هو. شهيد اهلڪار پرويز بنگلاڻي جي خون جو جرڳو مقدم مير جهانگير خان بنگلاڻي جي سرپنچي هيٺ ٺل ۾ ٿي گذريو. شهيد اهلڪار جو قتل ثابت ٿيڻ تي ڏوهي ڌر علي گوهر سهندڙو مٿان 55 لک ڏنڊ وڌو ويو. ڏوهي ڌر 5 لک موقعي تي ادا ڪيا ۽ پنج لک معاف ڪيا ويا، جڏهن ته بقايا رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button