سنڌ

تحريڪ انصاف جو سينيئر اڳواڻ فردوس شميم نقوي ڪينسر جو شڪار ٿي ويو

پاڪستان تحريڪ انصاف جو سينيئر اڳواڻ فردوس شميم نقوي ڪينسر جو شڪار ٿي ويو آهي، هن سياسي ڪارڪنن، اڳواڻن ۽ ساٿين کي دعا جي اپيل ڪئي. فردوس شميم نقوي پنهنجي مٽن مائٽن، ويجهن سياسي اڳواڻن، پارٽي ڪارڪنن ۽ دوستن کي آگاهه ڪيو ته ڊاڪٽرن جو خيال آهي ته کيس ايڊوانسڊ اسٽيج تي ڳلي جو ڪينسر آهي، هي ڪيترو خطرناڪ آهي ان جو اندازو بائيوپسي کان پوءِ لڳائي سگهجي ٿو. فردوس شميم نقوي چيو ته بائيوپسي ٿيڻ کان پوءِ ان جي نتيجي جو انتظار آهي جنهن کي هڪ هفتو لڳندو، پنهنجي بهترين صلاحيتن مطابق ڪينسر سان وڙهڻ جو ارادو رکان ٿو. هن مٽن مائٽن دوستن کي دعائن جي درخواست ڪندي چيو ته مان جنهن مقصد لاءِ ڪم ڪري رهيو آهيان ان لاءِ ڪوششون ايتري ئي مثبت انداز سان جاري رکندس جنهن حد تائين جاري رکي سگهان. فردوس شميم نقوي چيو ته منهنجي عمل يا لفظن سان جيڪي به ماڻهو متاثر ٿيا، انهن سڀني کان معافي چاهيان ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button