سنڌ

نيشنل بئنڪ آف پاڪستان تي سائبر حملو، خدمتون متاثر

نيشنل بئنڪ آف پاڪستان تي ٿيل هڪ سائبر حملي ان جي خدمتن کي متاثر ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي اڄ سومر تائين بحال ٿيڻ جو امڪان آهي. رپورٽ موجب بئنڪ پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو ته 29 ۽ 30 آڪٽوبر جي وچ واري رات نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي سرور تي هڪ سائبر حملي جي نشاندهي ٿي، جنهن ان جون ڪجهه خدمتون متاثر ڪيون آهن. بيان ۾ چيو ويو ته متاثر نظام کي الڳ ڪرڻ لاءِ ترت قدم کنيا ويا. هن وقت صارفين يا مالياتي ڊيٽا تي ڪو اثر نه ٿيو آهي. بئنڪ جو چوڻ هو ته هن معاملي ۾ صنعت جا وڏا ماهر، انهن سان گڏوگڏ جتي ضرورت آهي اتي پرڏيهي وسيلن جو استعمال ڪندي ٺيڪ ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. بيان ۾ ٻڌايو ويو ته في الحال صارفين لاءِ اين بي پي جون خدمتون متاثر آهن، اسان ان مداخلت تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ اميد آهي ته سومر جي صبح تائين ضروري خدمتون بحال ڪيون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button