سنڌ

عوامي تحريڪ جا مهانگائي ۽ پاڻي کوٽ خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا

عوامي تحريڪ جو مهانگائي ۽ پاڻي کوٽ خلاف ٻئي ڏينهن به مختلف شهرن ۾ احتجاج ٿيو، ان ڏس ۾ حيدرآباد،ٺٽو، ٽنڊوالهيار، ڊگھڙي، ٽنڊومحمدخان ۾ هرچند لال، ڊاڪٽر مشتاق شورو، هاشم يونس لغاري، علي شير پرهياڙ ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو. ميرپوربٺورو ۾ حسين آزاد، ساگر مجيد، پرويز ميمڻ جي اڳواڻي ۾ پبلڪ پارڪ ميرپوربٺورو کان بس اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته مهانگائي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، پيٽرول، ڊيزل، بجلي، گئس سان گڏ اٽي، چانور، گيهه ۽ کنڊ سميت کاڌي پيتي جون ٻيون شيون به مهانگيون ڪيون ويون آهن. هنن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب هارين سان گڏ چڱا ڀلا آبادگار به برباد ٿيندا پيا وڃن، هنن مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ختم ڪري سنڌي ماڻهن کي پنهنجا سمورا حق ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button