سنڌ

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس وگهي هڪ مريض فوت، وڌيڪ 213 مريض مبتلا

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪرونا وائرس جي صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ هڪ مريض لاڏاڻو ڪيو آهي جڏهن ته 213 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ 544 ماڻهو صحتياب ٿيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن وقت 11 هزار 672 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 11 هزار 432 گهرن ۾ ،25 آئيسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 215 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. هن چيو ته 213 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي جن مان 11 مريض وينٽيليٽرز تي آهن. هن چيو ته صوبي جي 213 نون ڪيسن مان 42 جو تعلق ڪراچي سان آهي اهڙي ريت ٽنڊو محمد خان 25، بدين ۽ حيدرآباد 16-16 ،ٺٽو 14، شهيد بينظير آباد 13، سانگهڙ ۽ سجاول 11 -11، لاڙڪاڻو ۽ نوشهروفيروز 10-10، ٽنڊو الهيار ۽ ٿرپارڪر 9-9 مٽياري، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص 6-6، سکر 5، دادو، جيڪب آباد ۽ ڄامشورو مان هڪ هڪ نوان ڪيس سامهون آيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button