بلاول ڀٽو چيو ته اڄ جيڪو معاشي بحران آهي ملڪي تاريخ ۾ عوام ڪڏهن به اهڙي سنگين معاشي بحران کي منهن نه ڏنو آهي، مهانگائي ڪارڻ گهر گهر ۾ بيچيني آهي جنهن ڪري عام شهري پريشان آهي، عوام چاهي ٿي ته اهڙي حڪومت هجي جيڪا گهر ڊاهڻ بدران گهر ٺهرائي ڏي ۽ نوڪرين مان ڪڍڻ بدران نوڪريون ڏي پر جيڪا ائين نه ڪري سگهي عوام اهڙي حڪومت کان جان ڇڏائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي معاشي پاليسي عوام ۽ غريب دوست هوندي آهي، موجوده حڪومت هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو وعدو ڪيو پر پي ٽي آ سرڪار اهي نوڪريون به عوام کان کسيون جيڪي نوڪريون پيپلزپارٽي پنهنجي حڪومت دوران عوام کي ڏنيون، بلاول ڀٽو چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي حڪومت دوران مرد ۽ عورتن کي برابري بنياد تي نوڪريون ڏنيون ۽ ڪنهن کي بيروزگار نه ڪيو. اڄ مهانگائي ڪارڻ والدين پنهنجي ٻارن کي اسڪول موڪلڻ کان قاصر آهن، نوجوان بيمار والدين جو علاج به نه ٿا ڪرائي سگهن، پيپلزپارٽي ئي اها پارٽي آهي جيڪا ان سنگين بحران مان ملڪ کي ڪڍي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهي ٿي
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close