سنڌ

ميرو خان ۾ امدادي سامان نه ملڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

ميرو خان ۾ امدادي سامان من پسند ماڻهن کي ڏيندڙ اسسٽنٽ ڪمشنر ناهيد ميراڻي خلاف مختلف ڳوٺن جي ٻوڏ متاثر غمدل گوپانگ، ڌڻي بخش بروهي، معشوق گوپانگ، عارف گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي مک عرضي ڀٽو چوڪ تي رڪاوٽون رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته ڪچا ۽ ڪکاوان گهر ڊهي پيا ۽ فصل ٻڏي ويا آهن جنهن ڪري مسلسل بيروزگاري ڪري ٻچن سميت بکون ڪاٽي رهيا آهيون پر اي سي ميرو خان ناهيد ميراڻي امدادي سامان ڏيڻ لاءِ درخواستون وٺڻ کانپوءِ هڪ مهيني کان مسلسل هر روز پنڌ ڪرائي رهيو آهي پر هن وقت تائين ٽينٽ، راشن سميت امدادي سامان نه ناهي ڏنو. هنن الزام هڻندي چيو ته اي سي ناهيد ميراڻي امدادي سامان حقي متاثرن کي ڏيڻ بدران ايم پي اي گهنور اسراڻ جو ونگارو بڻجي ان جي سفارش ۽ پنهنجي من پسند ماڻهن کي رات جي وقت چورن وانگي ڏئي رهيو آهي پر حقي متاثرن کي هر روز پنڌ ڪرائي موٽايو وڃي ٿو جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي واهر ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button