سنڌ

سنڌ ۾ بلدياتي چونڊون مارچ يا اپريل ۾ ٿينديون: ناصر شاهه

سنڌ جي بلديات جي صوبائي وزير ناصر حسين شاھه وزيراعظم عمران خان پاران عوام کي خطاب تي نااميدي جو اظهار ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت مان چڱائي جي اميد ناهي، جڏهن به وزيراعظم ڪو سٺو اعلان ڪيو ته اسان ان کي ڀليڪار ڪنداسين.

روهڙي ۾ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج جي تعمير ٿيندڙ عمارت جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ان ئي وزيراعظم عوام سان هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ پنجاھه لک گهر ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر هن اهو ئي پورو نه ڪيو ته ھاڻي هن کان ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي، حڪومت سبب ملڪ جو عوام ٻه ويلا ته پري جي ڳالهھ آھي هڪ وقت جي ماني کائڻ لاءِ پريشان آهي، هن حڪومت ايوان صدر کي صدارتي آرڊيننس جي فيڪٽري بڻائي ڇڏيو آهي، عمران خان ڪنٽينر تي چوندو هو ته ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ٿئي، پيٽرول يا بجلي جي قيمت وڌي ته وزيراعظم ڪرپٽ آهي پر اڄ سڀ ڪجهھ وڌي رهيو آهي، هو جواب ڏي ته هاڻي ڪرپٽ ڪير آهي؟

هن جو چوڻ هو ته وفاقي سرڪار جا وزير ۽ ترجمان ڪوڙ ڳالهائيندا آهن، اهي بيانن ذريعي قوم کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، ڪمند جو اگهھ به جلد مقرر ڪنداسين، سنڌ ۾ بلدياتي چونڊون مارچ يا اپريل ۾ ٿينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button