سنڌ

حيدرآباد ۾ صوبائي وزير جي کليل ڪچهري،مسئلن جا انبار لڳي ويا

حيدرآباد سرڪٽ هائوس ۾ صوبائي وزير سعيد غني ۽ وڏي وزير جي خاص معاون عروبا رباني کليل ڪچهري منعقد ڪئي، جنهن ۾ شهرين حيسڪو پاران اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪرڻ سان گڏوگڏ خراب ٽرانسفارمرن جي مرمت لا عوام کان رقم وصول ڪرڻ توڙي ڊٽيڪشن بل موڪلڻ، ايڇ ڊي اي پاران صفائي، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ گندي پاڻي جي نيڪالي واري پائپ لائينن توڙي روڊن جي مرمت نه ٿيڻ، ناليون کليل هئڻ، صحت مرڪزن ۾ ڊاڪٽرن، اوزارن ۽ دوائن جي کوٽ، سرعام منشيات جي وڪري سان گڏوگڏ پوليس ۽ ٻين کاتن جي عملدارن جي غير مناسب روين توڙي روزمرهه جي کاڌ خوراڪ واري شين جي وڌندڙ قيمتن خلاف دانهون ڏنيون. ان کان علاوه نوجوانن فٽبال ۽ پلي گرائونڊ توڙي پارڪن جي اڏاوت لا درخواستون ڪيون. ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني سمورن لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي مسئلا حل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سڄي سنڌ ۾ کليل ڪچهريون ڪري عوام جا مسئلا ۽ شڪايتون معلوم ڪرڻ کانپو فوري حل لا اپا وٺي رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button