آزاد ڄمون ۽ ڪشمير

راولاڪوٽ ويجهو بس کاهي ۾ ڪري پئي، 22 مسافر فوت

آزاد ڪشمير جي ضلعي راولاڪوٽ ۾ مسافر بس کاهي ۾ ڪرڻ سبب 22 ڄڻا فوت ٿي ويا. ريسڪيو ذريعن موجب مسافر ڪوچ راولاڪوٽ کان ڪوٽلي وڃي رهي هئي ته منجياڙي ڀرسان اونهي کاهيءَ ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 22 ڄڻا فوت ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوت ٿيلن ۾عورتن ۽ ٻار به شامل هئا، حادثي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون پهچي ويون ۽ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، حادثي ۾ 7 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 15 ڄڻن زخمن جي سٽ نه سهندي رستي ۾ دم ڏنو، فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي تعلقي هيڊ ڪوارٽر اسپتال بلوچ پهچايو ويو. اکين ڏٺي شاهدن موجب 40 سيٽن واري بس تعلقي هيڊڪوارٽر کان اڃا 7 ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪيو هو ته گاڏي ۾ فني مسئلو پيدا ٿي، جنهن ڪري بس پهرين روڊ ڪناري جبل جي ٽڪري سان ٽڪرائجي وئي ۽ بعد ۾ 500 ميٽر اونهي کاهي ۾ ڪري پئي، ڊپٽي ڪمشنر پونڇ موجب حادثي ۾ 22 ڄڻا زخمي ٿي پيا، 5 زخمين کي ڪوٽلي ۽ 3 زخمين کي بلوچ هيلٿ ڪيئر منتقل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button