سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ چور اسڪول جي پٽيوالي جو گهر ٻهاري ويا

لاڙڪاڻي جي دڙي ٿاڻي جي حد نيو مراد واهڻ ۾ ڪراچي ويل اسڪول جي نائب قاصد طاهر قيوم شيخ جي گهر ۾ نامعلوم چور ڇت ٽپي گهر ۾ گهڙي اڍائي لک روپين جي ماليت جا سونا زيور چوري ڪري فرار ٿي ويا. گهر ڌڻين ڪراچي کان لاڙڪاڻي گهر پهچڻ تي سامان پکڙيل ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن تي پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي. ان موقعي تي اسڪول جي نائب قاصد طاهر قيوم شيخ ٻڌايو ته آئون گهر ڀاتين سان گڏجي ٽن ڏينهن کان ڪراچي ويل هيس واپسي تي سامان پکڙيل ڏسي سامان جي مالڪي بعد خبر پئي ته چور ڇت ذريعي گهر ۾ گهڙي اڍائي لک ماليت جو سون چوري ڪري ويا آهن. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته چورن کي گرفتار ڪري سونا زيور واپس ڪرايا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button