سنڌ

لاڙڪاڻي ۾طلاقيل عورت جو بااثرن جي ڏاڍ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾تعلقي ڳڙهي ياسين جي مدئجي جي غريب آباد پاڙي جي رهواسڻ طلاقيل عورت بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي عورت دانهيندي چيو ته شادي جي هڪ سال بعد مڙس منهنجي اجازت بنا ٻي شادي ڪئي، جنهن ڪري مان هن کان طلاق ورتي. هن الزام لڳايو ته 6 سال اڳ پاڙي جي بااثرن اغوا ڪرڻ بعد جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، پوليس منهنجو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، بااثرن گذريل ڏينهن گهر ۾ گهڙي تشدد ڪندي منهنجي والد ۽ ڀاءُ کي کنڀي پنهنجي اوطاق تي کڻي وڃي وحشياڻو تشدد ڪيو. اهڙي واقعي جي اين سي حد جي ٿاڻي تي داخل ڪرائي، جنهن بعد والد ۽ ڀاءُ کي آزاد ڪيو ويو. هن وقت بااثر موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جن مان جان جو خطرو آهي. هن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثر ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button