سنڌ

ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل لاڙڪاڻي واسي نوجوان جي وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي ذوالفقار باغ واري علائقي جي رهواسڻ بيواهه پيرسن عورت گهرڀاتين سان گڏجي پاڪ ڪتاب کڻي گذريل اربع ڏينهن ڪراچي ۾ مبينا طور کنڀي گم ڪيل نوجوان پٽ جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ بيواهه پيرسن عورت هير خاتون زال مرحوم فيض محمد بليدي پنهنجي ٻارڙن سان گڏجي دانهيندي چيو ته اسان انتهائي غريب آهيون، منهنجو 20 ورهين جو پٽ مجاهد علي بليدي هڪ سال کان وٺي ڪراچي جي جوهر اسڪوائر واري علائقي ۾ درزڪو پورهيو ڪري گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو هو، جنهن کي اربع ڏينهن سول ڪپڙا پهريل اهلڪار دڪان تان کنڀي کڻي ويا آهن. هن چيو ته پٽ مجاهد علي بليدي جو واسطو ڪنهن سياسي جماعت سان ناهي ۽ نه ئي وري هن مٿان ڪو ڪيس داخل آهي، جنهن کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن چيف جسٽس، آرمي چيف ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پٽ کي آزاد ڪرائي پريشاني ختم ڪري انصاف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button