سنڌ

چڪ واسي نوجوان عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪنڌڪوٽ مان اغوا

چڪ ويجهو بچاءُ بند تي ويٺل ماڙيچا برادري جي نوجوان جي اغوا جي تصديق ٿي وئي. نوجوان 3 ڏينهن اڳ ڪنڌڪوٽ مان عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويو هو. ڌاڙيلن وارثن کي فون ڪري 30 لک ڀنگ طلب ڪيو. چڪ ويجهو ڳوٺ ڌاراڻي مهر سان بچاءُ بند تي ويٺل ماڙيچا برادري جو نوجوان دلاور پٽ اللّٰہ ڏنو ماڙيچو ٽي ڏينهن اڳ گهروارن کي ڪنڌڪوٽ ڪم سانگي چئي نڪري ويو، جيڪو ڪنڌڪوٽ مان عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويو. گذريل ڏينهن ڌاڙيلن مغوي جي ڀاءُ ڀنگي رام کي سندس مغوي ڀاءُ دلاور عرف دلو جي موبائل فون تان ڪال ڪري نوجوان کي بازياب ڪرائڻ لاءِ 30 لک ڀنگ طلب ڪيو. ڌاڙيلن ڌمڪي ڏيندي چيو ته پنج ڏينهن اندر 30 لک رپيا نه ڏيڻ جي صورت ۾ اوهان جي ڀاءُ جو لاش توهان ڏانهن موڪليو ويندو. جڏھن ته سندس پيرسن ما ۽ ڀاءُ ڀنگي رام ڌاڙيلن کي خدا جا واسطا ڏنا ته اسان روز خير خيرات وٺي کائڻ وارا پينو فقير آھيون، اسان وٽ پئسن ڀرڻ جي سگھه ناهي. نوجوان کي بازياب ڪيو وڃي. ٻئي طرف ايس ايس پي شڪارپور شيراز نظير عباسي ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظھر نواز شيخ کان نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button