سنڌ

نئون ديرو ويجهو پوليس جي چڙهائي،خوف سبب نينگر درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

نئون ديرو ويجهو ڪچي جي ڳوٺ ڀنڀو شيخ تي پوليس اٽالن چڙهائي ڪندي گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻائي ڦرلٽ ڪئي. پوليس جي ڊپ ۾ 10 ورهين جي نينگر ياسين شيخ دريا ۾ ٽپو ڏيئي ڇڏيو. پوليس جي اهڙي ڏاڍ خلاف متاثر ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان سلسلي ۾ متاثر ڳوٺاڻن تيمور شيخ، بختاور شيخ، حاجران شيخ ٻين عورتن ۽ ٻارڙن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. هنن دانهيندي چيو ته ڊي ايس پي نئون ديرو شاهجهان شاهه، ڪيٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او نور احمد مغيري سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالن بنا جواز گهرن تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي، عورتن ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻايو. هنن الزام هڻندي چيو ته پوليس چڙهائي دوران اسان جو هڪ لک روڪ، 5 ٻڪريون، 2 تولا سون سميت گهر جا هنڌ ۽ رليون به زوري ڦر ڪري کڻي وئي آهي. پوليس چڙهائي دوران درياءَ تي مينهون چاريندڙ 10 ورهين نينگر ياسين پوليس جي خوف مان درياءَ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، جنهن جي درياءَ ۾ ڳولا ڪري رهيا آهيون پر ان جو ڪو پتو ناهي پيو ته هو جيئرو به آهي الائي ٻڏي فوت ٿي ويو آهي. هنن الزام هڻندي چيو ته پوليس ڪمدار نادر ميراڻي جي چوڻ تي بيگناهه چڙهايون ڪري اسان کي تنگ ڪري رهي آهي، اسان جي مٿان ڪو ڪيس داخل ناهي ۽ نه ئي ڪنهن ٿاڻي تي اين سي داخل آهي. درياءَ ۾ ٻڏي ويل نينگر نه مليو ته ان جي خون جو ڪيس ڊي ايس پي شاهجهان شاهه، ايس ايڇ او ڪيٽي ممتاز ۽ ٻين اهلڪارن مٿان داخل ڪيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڦر ڪيل ٻڪريون، رقم، سون ۽ سامان واپس ڪري، پوليس خلاف قانوني قدم کڻي انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن پوليس چڙهائي بابت ڊي ايس پي نئون ديرو شاجهان شاهه سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن فون اٽينڊ ڪرڻ بعد چڙهائي بابت پڇيل سوال تي فون ڪاٽي بند ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button