سنڌ

ڪشمور ۾ نوجوان جو پي پاران ملڪيت جي وڪري خلاف احتجاج

ڪشمور ويجهو گڊو جي سيف الله پاڙي واسي عبدالله ڪوري پنهجي ڀائرن، ڀينرن ۽ ما سان گڏ پيءُ جي خانداني ملڪيت گهر ۽ دڪان وڪرو ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عبدالله ڪوري دانهيدي چيو ته منهنجي پيءُ حاجي احمد ڪوري 6 مهينا اڳ ٻي شادي ڪئي ۽ گهر ڇڏي هليو ويو ۽ شادي بابت پڇا ڪرڻ تي منهنجي ما حضوران ڪوري کي طلاق ڏئي ويو آهي. اسان هن وقت جوان آهيون پنهنجي گهر کي سنڀالي سگهون ٿا، اسان 5 ڀيڻ ڀاءُ آهيون، اسان جنهن گهر ۾ رهون ٿا اهو منهنجي ڏاڏي غلام حسين جو آهي جيڪو اسان کي ڏئي ويو هو، منهنجو پيءُ حاجي احمد ڪوري پنهنجي پنجاب جي پراپرٽي وڪري ڪري اسان جي گهر ۽ دڪان کي وڪرو ڪرڻ چاهي ٿو، اسان هن کي اهڙو ڪم نه ڪرڻ ڇڏينداسين. مان جوان آهيان پنهجي گهر جو وڏو آهيان، محنت مزدوري ڪري ڀائرن، ڀينرن ۽ ما کي پالي سگهان ٿو. هي گهر ۽ دڪان اسان جو ڏاڏو غلام حسين ڪوري اسان کي ڏئي ويو هو، جنهن جا گواه به اسان وٽ موجود آهن، جيڪڏهن منهنجو پيءُ احمد ڪوري هي گهر ۽ دڪان وڪرو ڪري ٿو ته اسان ڪيڏانهن وينداسين. اسان پاڙي جي معززين ۽ تر جي وڏيرن توڙي ايس ايس پي ڪشمور ۽ وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان کي دربدر ٿيڻ کان بچائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button