سنڌ

نصير آباد ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو احتجاج

نصير آباد ۾ آئي بي اي پاس اميدوارن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اميدوارن حزب الله تونيو، مان الله پيرزادو، غلام حسين بروهي، سھيل سومرو، زوھيب سيال ۽ ٻين چيو ته 359 سيٽون 2022/2021 ۾ ھڪ زوم ميٽنگ ۾ نصيرآباد کي مليون، جڏھن ته ڪا ٽيسٽ وغيره ناھي ٿي ته اھي سيٽون ڪنھن کي ڏنيون ويون آهن. ھيئنر انھي معاملي کان بعد ۾ جيڪي آرڊر ڏنا ويا سرڪاري انگ اکر مطابق 96 جنھن مان 7 پي ايس ٽي ڇڏي، جي ايس ٽي ۾ سيليڪٽ ٿيا ۽ 6 اميدوارن جوائن ئي نه ڪيو. 16 ٽائيم اسڪيل تحت پروموٽ ٿيا، ان وقت ۾ ڪافي رٽائرڊ ۽ فوت ٿيا پو به نصيرآباد تعلقي سان ناروا سلوڪ ڪري ھڪ سيٽ به نه ڏني وئي آهي جڏھن ته ٻين تعلقن کي سيٽون وڌائي ڏنيون ويون آهن. سڀني ضلعن ۾ فيز 2 پورو ڪيو ويو آهي ۽ اسان جو ڪرپٽ ڊي اي او فيز پھريون به پورو نه ڪيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button