سنڌ

متاثرن جا فنڊ وزير، مشير ۽ ڪائونسلر ڳڙڪائي ويا آهن: سراج الحق

ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي امداد نه ٿيڻ خلاف جماعت اسلامي پاران نيشنل هاءِ وي تي رڪاوٽون رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي جماعت اسلامي جي مرڪزي امير سراج الحق خطاب ڪندي چيو ته حڪمران پاڻ ته بنگلن ۾ رهن ٿا پر انهن کي جهڳين ۽ ڪچن گهرن ۾ رهندڙ عوام جي ڪابه پرواهه ناهي، برسات متاثرن جي بحالي لاءِ هوائي ۽ سامونڊي جهاز ڀرجي آيا، قوم به حڪومت جي مدد ڪئي آهي پر متاثرن جي امداد ناهي ڪئي. هن چيو ته ڪيترن ئي علائقن مان اڃان تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو ويو، سرڪاري مشينري هجڻ باوجود پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ اپاءَ ناهن ورتا ويا، متاثرن جي بحالي لاءِ جمع ٿيل فنڊ وزير، مشير ۽ ڪائونسلر ڳڙڪائي ويا آهن، حڪمران متاثرن جي بحالي لاءِ سنجيدگي سان اپاءَ وٺڻ بدران ڪرسي جي ڊوڙ ۾ لڳل آهن. سراج الحق وڌيڪ چيو ته حڪمرانن کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته عوام هاڻي اوهان کان احتساب ضرور ڪندو، هتي چاليهه سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪمراني آهي پر غربت ختم ٿي نه سگهي آهي. ٻئي طرف جيڪب آباد ۾ امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو ته پيپلزپارٽي جي ظالم جاگيردار، ايم پي اي، ايم اين اي ۽ وڏي وزير کي عوام تي ترس ناهي آيو. هن چيو ته عوام کي سرڪاري ٽينٽ، راشن ۽ گهر نه ملي سگهيا آهن. وڏو وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ آرامي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت اوهان کي ۽ اوهان جي نسلن کي تباهه ڪيو آهي سنڌ برسات کانپوءِ تلاءُ بڻجي ويو آهي. هن چيو ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي کربين روپين جا امداد مليا آهن ڇا ماڻهو مري ويندا پوءِ انهن کي پئسا ڏنا ويندا. سنڌ جي بهادر قوم کي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن فقير بڻائي ڇڏيو جيڪي پنهنجي حق لاءِ حڪومت کان پنڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته برسات متاثرن لاءِ آيل کربين روپين جو امداد ايندڙ اليڪشن ۾ رشوت طور ورهائڻ لاءِ رکيو ويو آهي. هن چيو ته آمريڪا پاڪستان ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن پنهنجي مرضي جو آڻيندو آهي جيئن ڪو ان خلاف آواز نه اٿاري سگهي. ان موقعي تي سنڌ جو امير محمد حسين محنتي، سنڌ جو نائب امير ممتاز سهتو، سيڪريٽري اطلاعات سنڌ مجاهد چنا، ضلعي امير جيڪب آباد ديدار علي لاشاري، امداد الله بجاراڻي، اعجاز ميمڻ، صادق ملغاڻي ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button