سنڌ

ڏوڪري ۾ برسات متاثر ڳوٺاڻن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ڏوڪري جي ڀرپاسي ڳوٺن يار علي چانڊيو، گلشير چانڊيو، ڪمال خان جوڳي، سيهڙ اسٽيشن ۾ ڪيترائي گهر ڊھي پٽ پئجي ويا. جڏهن ته يوسي سيهڙ جي چئن ڳوٺن يار علي چانڊيو، گلشير چانڊيو، ڪمال خان جوڳي سيهڙ اسٽيشن جا 80 سيڪڙو گهر ڊهي پٽ پئجي ويا. جڏھن ته ڳوٺاڻا لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. ان موقعي تي متاثر ڳوٺاڻن علي حسن چانڊيو، عرفان علي چانڊيو، شاهه مراد چانڊيو، زھران خاتون، اختيار خاتون، اعجاز علي چانڊيو، عرفان علي چانڊيو، شوڪت چانڊيو، َدلاور چانڊيو، ممتاز چانڊيو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ۾ ڳوٺ ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن پر چونڊيل نمائندن اسان جي ڪا سار سنڀال نه لڌي آھي. هنن چيو ته ڳوٺ ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن، مليريا، گيسٽرو، ٽائيفائيڊ ۾ اسان جا معصوم ٻارڙا وٺجي ويا آھن. هنن پ پ چئرمين بلاول ڀٽو، وڏي وزير، ضلعي انتظاميه توڙي وس وارن کي اپيل ڪئي ته هن ڏکي گهڙي ۾ ڀرپور مدد ڪئي وڃي ته جيئن اسان بهتر زندگي گذاري سگهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button