سنڌ

ڳڙهي حسن ۾ شڪ تحت گرفتار جوابدار هٿڪڙين سميت فرار

ڳڙهي حسن ٿاڻي جي پوليس ڳوٺ عبدالقادر بروهي واسي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيل علي رضا بروهي کي مبينا طور پوليس هٿان هٿ ڪڙين سميت فرار ٿي ويو. هوڏانهن گل بروهي پوليس خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ڳڙهي حسن پوليس جوابدار کان ڳري رشوت وٺي فرار ڪيو آهي. هن چيو ته جوابدار اسان پڪڙي پوليس حوالي ڪيو پر ڳڙهي حسن ٿاڻي جي وڏي منشي ڊرامائي انداز ۾ ڀڄايو آهي، جنهن مامري جو ايس ايس پي جيڪب آباد نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪري وڏي منشي خلاف ڪاروائي ڪري. ٻئي طرف ڳڙهي حسن ايس ايڇ او علي محمد اوڍو ٻڌايو ته علي رضا بروهي نالي پورهيت کي سولر پليٽون چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو هو، جنهن کي جاچ بعد آزاد ڪري ڇڏيو ۽ سندس مٿان ڪو ڪيس داخل ناهي ۽ نه وري ڪا اين سي داخل آهي باقي فرار ٿيڻ جي افواهن ۾ ڪا صداقت ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button