سنڌ

ميرو خان ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا

ميروخان ۾ فنڪشنل ليگ ۽ جسقم جي سڏ تي برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف ايم پي اي گهنور اسراڻ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ميرو خان نهيد ميراڻي خلاف ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. فنڪشنل ليگ جي سڏ تي ڪارڪنن ۽ متاثرن ٽئين ڏينهن به شهر جي مک عرضي ڀٽو چوڪ تي رڪاوٽون رکي شاميانا کوڙي ڌرڻو هڻي 4 ڪلاڪ روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري مسلسل 4 ڪلاڪ ڌرڻي سبب مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون ان موقعي تي اڳواڻن حاجي الهرکيو تنيو، نياز حسين مستوئي، محمد صالح رند، ڍولڻ جاگيراڻي، اختيار عمراڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اي سي نهيد ميراڻي سرڪار طرفان مليل ٽينٽ ر اشن ۽ ٻيو امدادي سامان ايم پي اي گهنور اسراڻ، پ پ عهديدارن ۽ پنهنجي من پسند ماڻهن کي ڏئي رهيو آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي جڏهن ته حقيقي متاثر بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن جن جي هن وقت تائين واهر نه ٿي سگهي آهي. ٻي طرف جسقم جي سڏ تي ڪارڪنن مختيار پنهور، جي ايم وڳڻ، بشير جتوئي، صوبدار جتوئي، حسن جتوئي، علي رضا لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جسقم هائوس گلشن آباد کان ريلي ڪڍي اي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪري امدادي سامان من پسند ماڻهن کي ڏيڻ جا الزام هنيا ويا. اڳواڻن چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ سنڌ، سيشن جج قمبر کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ورهايل امدادي سامان جي شفاف جاچ ڪرائي ايم پي اي ۽ اي سي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري امدادي سامان حقيقي متاثرن کي ڏياري واهر ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ٻي طرف اي سي نهيد ميراڻي تعلقه پريس ڪلب ميروخان پهچي صحافين کي ٻڌايو ته هن وقت تائين صرف سٽي ميرو خان جي 4 وارڊن ۾ 400 ٽينٽ ۽ هڪ هزار راشن بيگ ڏنا آهن، احتجاج ڪندڙ بليڪ ميل ۽ حراسان ڪري زبردستي بنا نالن جي لسٽ ۽ ويريفڪيشن ڪرڻ جي امدادي سامان ڏيڻ جو چئي رهيا آهن جيڪو ممڪن ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button