سنڌ

قمبر ۾ نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

قمبر ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ قتل ٿيل نوجوان نعيم عباس قريشي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڀٽو چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪري مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي شهر جي مختلف تنظيمن جي اڳواڻن سيد اخلاق شاهه، محمد علي هڪڙو، محمد جان بروهي، نويد عباس قريشي، پيارل پنهور ۽ ٻين چيو ته بااثر قاتل حڪمران ڌر سان واڳيل آهن ان ڪري هن وقت تائين آزاد آهن. پوليس انتظاميا قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪي قدم نه کنيا آهن، سنڌ ۾ڪيترائي مثال آهن ته حڪمران ڌر جا اڳواڻ قتل ۾ ملوث هئڻ ڪري قانون کان مٿانهون بڻيل آهن. هنن اعلى اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button