سنڌ

فيصلي سان سياست مان گند صاف ٿي ويو:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ عمران خان جي نااهلي جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڏنو آهي. هي اوپن اينڊ شٽ ڪيس هو. پنهنجي بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته عمران خان توشه خاني مان چوري ڪيل تحفا پنهنجي گوشوارن ۾ ظاهر نه ڪيا. 2018، 2019 ۽ 2020 ٽن سالن تائين اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪيل گوشوارن ۾ توشه خاني جي تحفن جو ذڪر ئي ناهي. صوبائي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان سياست مان گند صاف ٿي ويو. عمران خان جي گندي ذهنيت سان نوجوان نسل غلط رستو اختيار ڪري رهيا هئا. ھن چيو ته عمران خان بد ديانت ثابت ٿي ويو. صوبائي وزير چيو ته عمران خان جي خلاف فارين فنڊنگ ڪيس ۾ مني لانڊرنگ جا واضح ثبوت موجود آهن. ٻين تي الزام لڳائيندڙ اڄ پاڻ ڦاسي ويو آهي. هوڏانهن اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 12500 خاندانن کي راشن بيگس، 1310 خيما، 800 مڇر دانيون ۽ 394 پلاسٽڪ ترپال فراهم ڪيون ويون آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته جيڪب آباد ۾ 2000 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا. اهڙي طرح قمبر- شهدادڪوٽ ۾ 4000، شهيد بينظير آباد جي 4000، نوشهروفيروز ۾ 1500 ۽ عمرڪوٽ جي 250 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا. مجموعي طور تي 1879095 خاندانن ۾ راشن جا ٿيلها ورهايا ويا آهن. امدادي سرگرمين جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين متاثرن کي 628786 خيما، 542830 پلاسٽڪ ترپال، 804811 ليٽر منرل واٽر، 182023 پڪل کاڌي جون ديڳيون ۽ ٻيون شيون فراهم ڪيون ويون آهن. ان کان علاوه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت وفاقي حڪومت سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ بينيفشريز کي رقمون منتقل ڪيون آهن. 20 آڪٽوبر تائين سنڌ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 1815116بينيفشريز کي 45 ارب 37 ڪروڙ 79 لک رپيا ڏنا ويا آهن. صوبائي وزير چيو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي واقعن ۾ ۾ 792 ڄڻا فوت ٿيا آهن ۽ 8422 ماڻهو زخمي ٿيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button