اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته سنڌ واسي جمن دربدر مرحوم جي شاعري ۽ آواز کي ڪڏهن به نه وسارينداسين. آصف علي زرداري سنڌ جي مشعور شاعر ۽ راڳي جمن دربدر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته مرحوم جمن دربدر منفرد شاعر، راڳي ۽ فقير صفت انسان هو. آصف زرداري مرحوم جمن دربدر جي خاندان سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو هن چيو ته مرحوم جمن دربدر پنهنجي ڌريتي ۽ ڌرتي وارن سان محبت ڪندڙ وڏو نالو هو. جمن دربدر مرحوم جي شاعري ۽ آواز کي ڪڏهن به نه وسارينداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close