سنڌ

مخالفن خلاف ڪرپشن جو ڪوڙ پکيڙڻ وارو پاڻ سڳ سوڌو پڪڙيو ويو:بلاول ڀٽو

پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اليڪشن ڪميشن طرفان توشه خانه ڪيس ۾ نااهل ڪرڻ تي عمران خان جي حوالي سان ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري لکيو ته اليڪشن ڪميشن عمران خان کي ڪرپٽ پريڪٽس جو ڏوهاري قرار ڏنو آهي، هو هاڻ نااهل آهي. پ پ چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ لکيو ته پنهنجن سياسي مخالفن خلاف ڪرپشن بابت ڪوڙ پکيڙڻ وارو سڳ سوڌو پڪڙيو ويو. هوڏانهن ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان خلاف ڪيترائي ثبوت آهن، توشه خانه ننڍو ڪيس آهي، ان کان به وڏا ڪيس آهن، عمران خان خلاف پرڏيهي فنڊنگ سميت ٻين ڪيسز جا به فيصلا اچڻا آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان پاڻ چور نڪتو، سڳ سوڌو پڪڙيو ويو، عمران خان چوندو هو ته چورن سان نه ويهندس، هاڻي هو پاڻ ئي چور نڪتو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ تي متحده عرب امارات جو شڪر گذار آهيان، هو ٻوڏ متاثرن سان گڏ بيٺو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button