پاڪستانسنڌ

مورو ۾ معصوم زينب جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لا ريلي، قمرآباد ۾ هڙتال

مورو/منهڙو: مورو ڀرسان 6 ڏينھن اڳ ڳوٺ بودلو ڏاھري درگاھه وٽ سيد يعقوب علي شاھه لڪياري جي گادي نشين سيد نور محمد المعروف نوراني جي چئن سالن جي معصوم نياڻي بي بي زينب شاہه کي بيدردي سان قتل ڪندڙ جوابدار کي سخت سزا ڏيڻ لا نياڻي جي وارثن، مريدن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ سوين ماڻھن پاران درگاھه يعقوب علي شاهھ لڪياري کان پنج ڪلو ميٽر احتجاجي ريلي ڪڍي منهڙو ويجهو قمرآباد پھتا، جتي شھرين پنهنجو ڪاروبار بند ڪري شٽربند هڙتال ڪئي. جڏهن ته سيد جاويد علي شاهھ لڪياري، سيد ياسين شاہه لڪياري، سيد فرحان شاهھ لڪياري، سيد راشد علي شاهھ، سيد حسن شاھه صوفاڻي، سيد آصف علي شاھه لڪياري، قادر بخش ڏاھري، جگديش ڪمار، ياسين سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مورو پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ھنن خطاب ڪندي چيو ته بيبي زينب جي قاتلن کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي، قاتل معصوم سيدزادي جو قتل ڪري انسانيت کي لڄايو آھي، عدالتن کي گھرجي ته ھن کي سزا نه پر ڦاهي تي لٽڪائي ھن سماج ۾ رھندڙ قاتلن کي سبق ڏنو وڃي. هنن ھا ڪورٽ سنڌ ۽ سيشن جج نوشھروفيروز کي اپيل ڪئي ته معصوم سيدزادي زينب جو ڪيس جلدي اڪلائي جوابدار کي ڦاھي ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button