پاڪستانسنڌ

ماما جمن دربدر جو وڇوڙو سنڌ جو تاريخي نقصان قرار، اسلام آباد ۾ ڀيٽا پيش

اسلام آباد/عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ڀرسان روحل وا ۾ ماما جمن دربدر وڇوڙي تي پوئينرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي. ان حوالي سان چار مارچ جي هيرو ايڊووڪيٽ ماما يوسف لغاري، فقير داد کوسو، جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين رياض چانڊيو، وائيس چيئرمين نواز شاهھ ڀاڏائي، وڏي وزير جي خاص معاون دوست محمد راهمون، ايس ايس پي عمرڪوٽ، شوڪت ميمڻ، نواز ليگ اڳواڻ نيلم ڪماري، محبوب چانڊيو، در محمد ٻرڙو، هدايت الله قريشي، پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ حاجي حسين مڱريو، جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ ديدار شام، ايڊوڪيٽ ڀاڳچند ڀيل، پروفيسر يعقوب آريسر، الھداد ساند، قاسم ساند، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، شاعر اقبال رند، سماجي اڳواڻ علي اڪبر راهمون، ارباب احسان الله، صحافي امتيا ڌاراڻي، راڳي رجب فقير ۽ ٻين تعزيت ڪندي چيو ته ماما جمن دربدر سراپا سنڌ هو، جنهن پنهنجي پوري حياتي قومي خوشحالي ۽ بقا لاءِ وقف ڪري ڇڏي، قومي سياست ۾ عبدالواحد آريسر ۽ جمن دربدر سلڇڻو ڪردار ادا ڪري قوم جو ڳاٽ مٿانهون ڪيو، ماما جمن دربدر جو خال صدين تائين ڀرجي نه سگهندو، ماما جمن دربدر سائين جي ايم سيد جي فڪر جو ڄام پيتو هو، هو مزاج ۾ عام ٿري ڳوٺاڻو هو، جنهن پنهنجي منفرد انداز سان قوم ۾ شعور ۽ جاڳرتا پيدا ڪئي. ٻي طرف قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي سنڌي شاگردن جي تنظيم مهراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل طرفان ناليواري شاعر جمن دربدر کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لا يونيورسٽي اندر تعزيتي ريفرنس ڪوٺايو. مهراڻ ڪائونسل جي چئيرمين سعيد چانڊيو، چيف ڪوآرڊينيٽر شاهنواز مهر ۽ طارق حفيظ ٻگهيو جي اڳواڻي ۾ شاگردن يونيورسٽي اندر گڏ ٿيا ۽ هنن ماما جمن دربدر جي وڇوڙي کي سنڌ جو تاريخي نقصان قرار ڏنو. ان موقعي تي جمن دربدر جو لکيل گيت وٺي هر هر جنم وربو پڙهي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button