سنڌ

ڇا عمران خان سان هن ڀيري به لاڏلي وارو سلوڪ ڪيو ويندو:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جمعي جو ڏينهن پاڪستان جي لاءِ بابرڪت ثابت ٿيو آهي، ملڪ جي لاءِ فيٽف جي حوالي سان سٺي خبر آئي، پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍيو ويو. جنهن جو ڪريڊٽ پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس ٽيم کي وڃي ٿو. پاڪ فوج ۽ ٻين ادارن اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڪستان فيٽف جي سمورن نڪتن تي عملدرآمد وقت کان پهريان مڪمل ڪيو. سمورن ادارن گڏيل ڪوششن ۽ سخت محنت سان هي ٽارگيٽ حاصل ڪيو. هن چيو ته ڀارت پوري ڪوشش ڪئي ته پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان نه نڪري ، پر ڀارت کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو. ٻي اهم ڊولپمينٽ ڪالهه پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي منافق شخص جي منهن تان نقاب لهي ويو. سڀني کي ڌاڙيل ۽ چور چوندڙ کي نااهل قرار ڏنو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ آرڪائيوز ڪمپليڪس ۾ ڇنڇر ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. صوبائي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن عمران خان کي بدعنواني جي بنياد تي نا اهل قرار ڏنو. اليڪشن ڪميشن جي سمورن ميمبرن گڏيل فيصلو ڏنو ته عمران خان صادق ۽ امين ناهي رهيو. ثاقب نثار جيڪو هن کي صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ، ڪالهه ان جا پول به پڌرا ٿي ويا. اليڪشن ڪميشن عمران خان خلاف فوجداري ڪيس عدالت ۾ هلائڻ جو بہ فيصلو ڏنو آهي. هن چيو ته عمران خان قيمتي تحفا ڪٿان خريد ڪيا ۽ ان وٽ رقم ڪٿان آئي، هن جيڪي ايف بي آر ۾ اثاثا ظاهر ڪيا هئا، ان وٽ ته ايترا مهانگا تحفا خريد ڪرڻ جي انڪم ئي نه هئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان هاڻي نه پارٽي جو سربراهه رهيو آهي ۽ نه ئي قومي اسيمبلي جو ميمبر رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان عدالت ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا عمران خان سان خاص رويو اختيار ڪيو ويندو، ڇا هن جي شنوائي ۾ اهو ئي وقت لڳندو جيڪو ٻين سياسي رهنمائن جي ڪيسن ۾ ورتو وڃي ٿو. صوبائي وزير چيو ته عمران خان جي نااهلي جو ڪو پهريون فيصلو ناھي آيو ، ماضي ۾ اليڪشن ڪميشن ، ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسرن ۽ عدالتون سوين اڳواڻن کي نااهل قرار ڏئي چڪيون آهن ۽ ڪيترن ئي سياستدانن جا ڪاغذات نامزدگي رد ٿيندا رھيا آهن. هن چيو ته ڇا عمران خان سان هن دفعي به لاڏلي وارو سلوڪ ڪيو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 2018 ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪيترن ئي رهنمائن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه ڏني وئي. پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر جا ڪاغذات نامزدگي ان بنياد تي رد ڪيا ويا ته هن پنهنجي ڪاغذات نامزدگي ۾ پنهنجي خاندان جي هڪ ميمبر جو نالو شامل نه ڪيو هو، جيڪو ان جو ذاتي معاملو هو، پر اهو الزام جڏهن عمران خان تي لڳو ته عدالت هن کي وڏو رليف ڏيندي چيو ته هي عمران خان جو ذاتي معاملو آهي. صوبائي وزير چيو ته جيڪڏهن عمران خان کي هر معاملي تي ايڪسٽرا آرڊنري رليف ڏيڻو آهي ته ملڪ جي قانون ۾ تبديلي ڪئي وڃي، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته عمران خان ۽ پي ٽي آئي جي لاءِ نرمي ڪئي وڃي ۽ ٻين جي لاءِ الڳ اصول مقرر ڪيا وڃن. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير چيو ته هن ملڪ جو سڀ کان پراڻو ۽ وڏو ڪيس شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جو ريفرنس سالن کان التوا جو شڪار آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيڪو ملڪ جي آئين ، جمهوريت ۽ ايٽمي پروگرام جو خالق آهي، هن جي عدالتي قتل جي ريفرنس تي اڄ تائين ڪو به فيصلو نه ڏنو ويو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو مقبول ترين وزيراعظم هو، ان جي لاءِ عدالتن وٽ وقت ناهي پر عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جيڪي سرعام ملڪ جي قانون تي جي ڀنڃڪڙي ڪري رھيا آھن، سر عام ملڪ جي ادارن ۽ انهن جي سربراهن خلاف سوشل ميڊيا تي خطرناڪ مهم هلائي رهيا آهن. انهن لاءِ رات جو ئي عدالتون کلي وڃن ٿيون . هن چيو ته ڪالهه کان اسلام آباد ۽ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ پي ٽي آئي پاران روڊ بلاڪ ڪيا پيا وڃن، پوليس اهلڪارن تي تشدد ڪيو پيو وڃي، اسلام آباد ۾ هڪ ايم اين اي جي اهلڪار فائرنگ ڪئي، ان باوجود پي ٽي آئي سان لاڏلي وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وفاقي حڪومت شرپسندن خلاف ڪاروائي ڪري رهي آهي، ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، پر عدالتن مان کين رليف ملي رهيو آهي. عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي معاملي تي ڪيسز نه پر فيسز ڏسي فيصلا ڏنا پيا وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران پي ٽي آءِ کي وارننگ ڏئي رهيا آهيون ته جيڪڏهن هنن رستا بلاڪ ڪيا ، ايمبولنس ۽ پبلڪ جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. سنڌ پوليس کي هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن ته جيڪڏهن هي ڪنهن ميدان يا پارڪ ۾ پنهنجو احتجاج ڪن ته کين اجازت ڏني وڃي ۽ جيڪڏهن روڊ ۽ رستا بند ڪيا وڃن ته قانون موجب انهن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته عمران خان سياسي اختلافن کي ذاتي دشمني ۾ تبديل ڪري سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن. ھن چيو ته عمران خان جو پورو سياسي ڪيريئر بدعنواني، بداخلاقي ۽ منافقت تي ٻڌل آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان لانگ مارچ ڇو ٿو ڪرڻ چاهي، جيڪڏهن هن جو لانگ مارچ اليڪشن جي لاءِ آهي ته هو آئين ۽ قانون موجب اسيمبلي ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ آڻي، جيڪڏهن ڪامياب ٿي وڃي ته پوءِ نئين چونڊن جو اعلان ڪري. صوبائي وزير چيو ته لانگ مارچ سان حڪومتون ناهن وينديون. هن چيو ته عمران خان ۾ جرئت آهي ته هو پنهنجي ٻارن، ڀينرن ۽ خاندان کي لانگ مارچ ۾ آڻي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف سان وزيراعليٰ سنڌ ۽ ھن جي گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي، جنھن ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ھن چيو ته سنڌ ۾ بحالي واري مرحلي جي شروعات ٿي چڪي آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته متاثر ٿيل ماڻهن جي گھرن جي تعمير سميت آبادگارن کي ٻج ۽ ٻيون سھولتون فراهم ڪيون. ھن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي معاملي تي وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت ھڪ پيج تي آھن. وزير اعظم سان سٺي ماحول ۾ گڏجاڻي ٿي آھي، ٻوڏ متاثرن جي معاملي تي گڏجاڻيون جاري رھنديون، ڇاڪاڻ ته اسان جو فوڪس آھي ته وڌ کان وڌ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪريون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button