سنڌ

ٻوڏ متاثر علائقن مان پاڻي ڪڍيو ويو آهي:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي، ته ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ تي يو اي اي جا ٿورائتا آهيون، متاثر علائقن مان پاڻي ڪڍيو ويو آهي، ڪجهه هنڌن تي پاڻي پمپنگ مشينن ذريعي نڪرندو، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ته ڪڻڪ جي فصل لاءِ زمين تيار ڪري سگهجي، جاري ڪيل بيان مطابق اهڙو اظهار هن يو اي اي جي سفير حماد عبيد ابراهيم الزابي سان ملاقات دوران ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪڻڪ جي بهترين پوکي سان ايندڙ سال ڪڻڪ جي کوٽ جو مسئلو نه هوندو، يوڪرين جنگ سبب خطي ۾ ڪڻڪ جي کوٽ جو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو، انهي لاءِ چاهيون ٿا ته ڪڻڪ جو بندوبست ٿي وڃي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪوشش آهي، ته جلد کان جلد بوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير شروع ٿئي، يو اي اي جي سفير حماد عبيد ابراهيم الزابي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان اسان جو برادر ملڪ آهي، اسان مشڪل وقت ۾ هڪٻئي سان گڏ آهيون. سفير چيو ته يو اي اي هر طرح سان سنڌ جي عوام سان گڏ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button