پاڪستانسنڌ

شاهپورچاڪر ۾ چوري جي واپسي لا سڄاڻ ڌرين جي ريلي، ڌرڻو

شاهپورچاڪر: شاهپور چاڪر ۾ سياسي سماجي اڳواڻ سرور ڏاهري جي گهران ٿيل چوري واپس نه ٿيڻ ۽ ايس ايڇ او پاران ڌمڪيون ڏيڻ خلاف سرور ڏاهري جي معصوم نياڻي ناياب ڏاهري پنهنجي ڪٽنب ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سان گڏ مين ناڪي کان ٿاڻي تائين هٿ ۾ لالٽين کڻي پيرين اگهاڙي مارچ ڪري ٿاڻي اڳيان مظاهرو ڪري نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو، ڌرڻي ۾ عوامي تحريڪ اڳواڻ ڪامريڊ علي نواز ڏاهري، دائود ڏاهري، راڻو ڪنڍاڻي، امير مغيري، سنڌياڻي تحريڪ صدر سڀاڻي ڏاهري، ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاهري، سورٺ مڱڻهار، سماجي اڳواڻ سنڌو ڏاهري، ايس ٽي پي جي ضلعي صدر علي ڏنو خاصخيلي، جبار جوڻيجو، مختيار لغاري، پي ٽي آئي اڳواڻ شاهد سومرو، پ پ شهيد ڀٽو جي شاهد ميمڻ، ف ليگ جي فقير علي جان ڏاهري، اڪبر گل ڪيريو، امان الله ڏاهري، عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ ايمان سنجراڻي، شاهپور چاڪر يوٿ فورم جي اڳواڻ بابر ڏاهري، ڏاهري ينگ آرگنائيزيشن جي نويد علي ڏاهري، صحافي عزيز ڏاھري، نور محمد ڏاهري، رسول بخش بوداڻي، اختر سنجراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سرور ڏاهري جي گهران چوري ٿئي ڏيڍ مهيني کان مٿي ٿي ويو آھي، چوري جي ايف آئي آر به داخل ٿيل آھي، پر ڪو کڙتيل ناهي نڪتو، پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار به ڪيو، پوءِ انهي کي ڇڏي ھٿ تي هٿ رکي ويهي رهي آھي، پوليس ڏوهارين جي ساٿاري بڻيل آھي. ناياب ڏاهري هٿ ۾ لالٽين کڻي ڏيڍ ڪلوميٽر پيرين اگهاڙي پنڌ ڪري بي حس انتظاميا کي جاڳائي کين ٻڌائڻ ٿي چاهي ته چوري واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. پوليس چورن جو تحفظ ڪري ٿي. اڳواڻن اعلان ڪيو ته 27 آڪٽوبر تي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو ۽ جدوجهد چوري جي واپسي ۽ ايس ايڇ او غلام شبير دلواڻي جي بدلي تائين جاري رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button