سنڌ

ارشد شريف جي قتل جون ڪڙيون بني گالا سان ملي رهيون آهن:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ارشد شريف جي موت جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي. ملڪ جو وڏو نقصان ٿيو آهي. ان افسوسناڪ واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي، ڇوته ان واقعي مان هڪ سياسي جماعت فائدو وٺي رهي آهي. اطلاعات واري صوبائي وزير اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ آرڪائيوز ڪامپليڪس ۾ اربع واري ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته ارشد شريف جي وفات سان صحافت کي وڏو نقصان رسيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي ارشد شريف جي خاندان جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. صوبائي وزير سعيد غني سنڌ حڪومت پاران تعزيت لاءِ ارشد شريف جي خاندان وٽ ويو هو. هن چيو ته ارشد شريف جي وفات تي صحافي برادري سان تعزيت ڪيون ٿا. هن چيو ته دل جي گهرائين سان چوان ٿو ته ارشد شريف جي موت تي شديد افسوس ٿيو آهي ارشد شريف جي ٻارن ۽ والده سان دلي همدردي آهي. هن چيو ته وزيراعظم ۽ ڊي جي آئي ايس پي آر ارشد شريف جي واقعي جي جاچ لاءِ مناسب ڳالهه ڪئي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڏٺو وڃي ته ان واقعي جو بينيفشري ڪير آهي ؟ عمران خان چيو ته هن ارشد شريف کي ٻاهر وڃڻ جو مشورو ڏنو، عمران خان جيڪڏهن سچو آهي ته ٻڌائي ته ارشد شريف جي جان کي ڪنهن کان خطرو هو، عمران خان کي جنهن شخص اهي سڀ ڳالهيون ٻڌايون ان شخص جو نالو سامهون آڻي. هن چيو ته جڏهن عمران خان کي خبر هئي ته ارشد شريف جي جان کي خطرو آهي ته ان کي ٻاهر وڃڻ جو مشورو عمران خان ڇو ڏنو؟ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ عمران خان جون حڪومتون آهن. عمران خان پنهنجي سڪيورٽي لاءِ ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جا پوليس اهلڪار رکيا آهن ته ان کي سڪيورٽي ڇونه ڏني. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ جي ملڪه بخاري ڪالهه هڪ پروگرام ۾ چيو ته ماڻهو ارشد شريف جي جنازي لاءِ گهران نڪرن، هن چيو ته مرحوم نعيم الحق عمران خان جو ويجهو دوست هو، ان جي تعزيت لاءِ نه ويو. ڪوئٽا ۾ هزارا برادري جا ماڻهو ان جو انتظار ڪندا رهيا، ان جي جنازي ۾ نه ويو. پاڪستان ۾ ايٽمي طاقت بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالقدير جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ نه ويو. ساهيوال سانحي جي متاثرن کي وزيراعظم هائوس ۾ گهرائي ڪري تعزيت ڪئي، هن چيو ته عمران خان ڊائريڪٽرن ۽ پروڊيوسرن کي پاڻ سان ويهاريو آهي. منهنجي گڻتي وڌي رهي آهي ته ارشد شريف جي قتل جون ڪڙيون بني گالا سان ملي رهيون آهن، ارشد شريف فارن فنڊنگ ڪيس تي انڊيا ۽ اسرائيل جي فنڊنگ کي بينقاب ڪيو هو. هن چيو ته سڀاڻي مرحوم ارشد شريف جي جنازي نماز آهي ۽ ٻئي ڏهاڙي جمعي جي ڏينهن عمران خان لانگ مارچ ڪري رهيو آهي، ڪٿي اها ڪا سازش نه هجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پرڏيهي وزير ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون پکيڙيون پيون وڃن. هن ڪنهن به اجازت نامي تي صحيحون ناهن ڪيون. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ڳنڍيل ڪوڙي پروپيگنڊا ۽ هٿ ٺوڪيون ڳالهيون پکيڙيون پيون وڃن. اطلاعات واري صوبائي وزير چيو ته هو قسم کڻي چوي ٿو ته عمران خان ايجنٽ آهي، هي شخص پاڪستان جي خلاف ڪريل سازشون ڪري رهيو آهي هن شخص کي روڪڻو پوندو. هن چيو ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ته سندن لانگ مارچ پرامن هوندو، پهرين به لانگ مارچ هن ڪيا آهن، هن لکي ڏنو هو ته هن جو لانگ مارچ پرامن هوندو ۽ ريڊ زون ۾ داخل نه ٿيندا پر بعد ۾ هو معاهدي تان ڦري ويو. گاڏيون ۽ وڻ ساڙيا ويا، پي ٽي وي تي چڙهائي ڪئي وئي، پوليس اهلڪارن کي مار ڪٽ ڪئي وئي. هن چيو ته عمران خان جي ايجنڊا ملڪ کي ڊي اسٽيبلائيز ڪرڻ آهي. ان جو پنهنجو خاندان بني گالا ۽ لنڊن ۾ سڪون سان ويٺو آهي، عمران خان پهرين پنهنجي خاندان کي لانگ ۾ مارچ ۾ آڻي. هن چيو ته اسلام آباد تي حملو پاڪستان تي حملو آهي، اسلام آباد کي محفوظ رکڻ لاءِ سنڌ پوليس کي موڪلينداسين. هي سنڌ حڪومت جو فرض آهي. هن چيو ته جلسي، جلوسن تي حڪومتون ناهن وينديون، سنڌ ۾ حالتون خراب ڪرڻ جي اجازت ڪنهن کي به نه ڏني ويندي. يوٿين جي سنڌ ۾ حڪومت ناهي، جيڪڏهن سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ حالتون خراب ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي ته ان کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي حڪومتن جا سمورا وسيلا لانگ مارچ تي خرچ ڪيا پيا وڃن، ٻوڏ متاثرن لاءِ انهن وٽ فنڊ ناهن پر جلسي، جلوسن لاءِ نچڻ، ڳائڻ ۽ ڪانسرٽ منعقد ڪرڻ لاءِ انهن فنڊ موجود آهن. شرجيل انعام ميمڻ مطالبو ڪيو ته عدالتن کي ان معاملي جو نوٽس وٺڻ گهرجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان جي چيلينج کي پيپلز پارٽي قبول ڪري ٿي، سنڌ جي عوام کيس عبرتناڪ شڪست ڏني آهي، هي سنڌ فتح ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندا آهن مان کين کليل چيلينج ڏيان ٿو ته پنهنجي چڱن، ڀلن کي وٺي اچن، منهنجي حلقي ۾ مقابلو ڪري ڏيکارين کين خبر پئجي ويندي، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي ڪابه حيثيت ناهي، هي فقط سيلفي گروپ آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان کي ڪنهن اها ڳالهه ذهن ۾ وڌي آهي ته وقت گهٽ مقابلو سخت آهي، جيڪو ڪرڻو آهي سو ڪري وٺو، نومبر کان پوءِ وقت نه ملندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button