اسلام آبادپاڪستان

ارشد شريف جو مڙهه پاڪستان آندو ويو،پمز اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم

اسلام آباد :سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد شريف جي قتل ڪيس جي باضابطا جاچ شروع ڪئي وئي آهي. جڏهن ته پوسٽ مارٽم به مڪمل ڪيو ويو آهي. ارشد شريف جي گهرواري جي درخواست بعد پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو، پوسٽ مارٽم لاءِ باضابطا درخواست اسلام آباد جي رمنا پوليس اسٽيشن ذريعي پمز اسپتال کي ڏني وئي. ارشد شريف جو مڙهه سخت سڪيورٽي هيٺ خانگي اسپتال جي مرده خاني ۾ آندو ويو. ارشد شريف جي وارثن خانگي اسپتال پهچي فوتي جو ديدار ڪيو. ڪالهه صبح 11 وڳي فوتي صحافي جو لاش پوليس ۽ ايف سي جي سخت سيڪيورٽي هيٺ پمز اسپتال پهچايو ويو. ڊائريڪٽر پمز اسپتال هاشم رضا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ارشد شريف جي گهرواري ۽ رمنا ٿاڻي جي پوليس جي درخواست تي پمز اسپتال ۾ ارشد شريف جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو، جنهن لاءِ باقاعده 8 رڪني بورڊ جوڙيو ويو آهي. اجلاس ۾ جنرل سرجن چيئرمين بورڊ پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايڇ او وقار، جنرل سرجن پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز نيازي، نيورو سرجن پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان، سينيئر ميڊيڪو ليگل آفيسر ڊاڪٽر فرخ ڪمال، سينيئر ميڊيڪو ليگل آفيسر، خواتين جي ايم ايل او ميمبر ڊاڪٽر نسرين بٽ، اي اين ٽي. سرجن ڊاڪٽر الطاف ۽ او ايم ايف ايس سرجن ڊاڪٽر ايم عمر فاروق شرڪت ڪئي. ارشد شريف جي لاش مان رت سميت ٻيا نمونا حاصل ڪيا ويا آهن، جن کي فارنزڪ تجزيي لاءِ لاهور فرانزڪ ليبارٽري اماڻيو ويندو. پوسٽ مارٽم دوران ارشد شريف جو لاش مرده خاني مان ريڊيالاجي ڊپارٽمينٽ آندو ويو، جتي ڊاڪٽر لاش جي مختلف حصن جا سي ٽي اسڪين ۽ ايڪسري ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته فرانزڪ تجزيي کانپوءِ تفصيلي پوسٽ مارٽم رپورٽ تيار ٿيڻ ۾ 2 هفتا لڳي سگهن ٿا، جنهن ۾ ارشد شريف جي موت جي اصل سبب سميت ٻيون اهم حقيقتون سامهون اينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button