اسلام آبادپاڪستان

ايشيائي ترقياتي بئنڪ مان ڏيڍ ارب ڊالر پاڪستان کي منتقل

اسلام آباد : ايشيائي ترقياتي بئنڪ ڏيڍ ارب ڊالر پاڪستان کي منتقل ڪري ڇڏيا. اسٽيٽ بئنڪ جي ذريعي ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران رقم پاڪستان کي منتقل ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي. ذريعن مطابق پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ وچ ۾ معاهدو سومر تي ٿيو هو ۽ رقم منتقل ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 9 ارب ڊالرکان وڌي ويا آهن. ان ڏس ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار تصديق ڪئي آهي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي بريس پروگرام تحت پاڪستان لاءِ ڏيڍ ارب ڊالر قرض جي رقم پاڪستان کي ملي وئي آهي. اربع تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ناڻي واري وزير چيو آهي ته الحمدالله ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي بريس پروگرام تحت پاڪستان لاءِ ڏيڍ ارب ڊالر قرض جي رقم اسٽيٽ بئنڪ ۾ پاڪستان حڪومت جي اڪائونٽ ۾منتقل ٿي وئي آهي. واضح رهي ته ايشيائي ترقياتي پروگرام هاڻوڪي ٻوڏ ۽ رسد ۾ رڪاوٽن جي تناظر ۾ سماجي تحفظ، غذائي سلامتي کي هٿي ڏيڻ ۽ ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مدد جي حوالي سان پاڪستان لاءِ ڏيڍ ارب ڊالر جي مالي مدد جي منظوري ڏني هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button