اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ طرفان توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان کان جواب طلب

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي لانگ مارچ جي اعلان تي حڪم نامو جاري ڪرڻ واري حڪومتي درخواست رد ڪري ڇڏي. جڏهن ته توهين عدالت جي درخواست تي عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. شنوائي دوران عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان چيو ته عمران خان جي ڊي چوڪ ڪال توهين عدالت آهي. 26 هين مئي واري صبح جناح ايونيو تي ڇهه وڳي ريلي ختم ڪئي وئي، عمران خان مقرر جاءِ وٽان گذري بليو ايريا آيو ۽ ريلي ختم ڪئي، ان هنڌ ايڇ نائين کان چار ڪلوميٽر اڳتي اچي عمران خان ريلي ختم ڪئي. چيف جسٽس ايڊيشنل اٽارني جنرل سان مڪالمو ڪندي چيو ته اوهان جي ڳالهه ۾ وزن آهي، نوٽيس ۾ خاطري جو ذڪر آهي پر لکت ۾ ڪٿي آهي.عامر رحمان چيو ته عدالت فيصل چوڌري ۽ بابر اعواڻ کي عمران خان کان هدايتون وٺڻ جو چيو هو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته مناسب ائين ٿيندو ته حڪومتي الزامن تي خاطري ڪرائڻ وارن کان جواب گهرو، لکت ۾ مواد نه هجڻ تي ڪنهن سڏائڻ مان ڪو فائدو ناهي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته خاطري عمران خان طرفان وڪيلن ڏني هئي، جنهن ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته بابر اعواڻ، فيصل چوڌري عمران خان طرفان خاطري ڪرائي هئي ته نه روڊ بلاڪ ٿيندا نه ئي مقرر جاءِ کان اڳتي وينداسين. جسٽس عمر عطا بنديال وڌيڪ چيو ته رپورٽن ۾ ايترو جواز موجود آهي ته عمران خان کان جواب گهريو وڃي. جيڪڏهن نوٽيس جاري ڪيون تڏهن به عمران خان جو پيش ٿيڻ ضروري ناهي. هيڊلائينز نٿا ٺاهڻ چاهيون، قانون جي حڪمراني چاهيون ٿا. سول نوعيت جي توهين عدالت ۾ شوڪاز تي ئي پيش ٿيڻو پوندو آهي. چيف جسٽس چيو ته عمران خان جي بيان مان لڳي ٿو کيس عدالتي حڪمن کان آگاهه ڪيو ويو آهي. عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ رنڊڪون هٽائڻ جو چيو آهي، هن کي ڇا ٻڌايو ويو اصل سوال اهو آهي. عمران خان عدالت ۾ پيش ٿي واضح ڪري ته ڪنهن ڇا چيو هو. جسٽس يحييٰ آفريدي چيو ته نوٽيس کانسواءِ ڪنهن کان جواب نٿو گهري سگهجي. جڏهن ته چيف جسٽس جو چوڻ آهي ته في الحال نوٽيس جاري نه پيا ڪيون، نوٽيس جاري ڪرڻ سان اهو تاثر ويندو ته توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ٿي وئي آهي. سپريم ڪورٽ چيو ته جسٽس يحييٰ حسيني جي گذريل اختلافي نوٽ موجب عمران خان کي شوڪاز جاري ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان ۽ سندس وڪيل ٽيهه آڪٽوبر تائين جواب جمع ڪرائين. سپريم ڪورٽ آءِ ايس آءِ، آءِ بي ۽ پوليس رپورٽون پڻ عمران خان کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ٽنهي رپورٽن جي روشني ۾ عمران خان جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي توهين عدالت ڪيس جي شنوائي ٽيهه آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button