اسلام آبادپاڪستان

10 نومبر کانپوءِ عمران خلاف فرد جرم کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن نه هوندو:اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد :اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته 10 نومبر کانپوءِ عمران خان ۽ ٻين خلاف توهين ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به آپشن نه هوندو. عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف توهينِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي شنوائي ٿي. ميمبر نثار دراني جي سربراهيءَ ۾ اليڪشن ڪميشن جي چار رڪني بينچ شنوائي ڪئي. پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان انور منصور عدالت ۾ پيش ٿيو. پي ٽي آءِ جي وڪيل انور منصور چيو ته نوٽيس الڪيشن ڪميشن جي سيڪريٽري جاري ڪيا آهن، اليڪشن ڪميشن نه، جيستائين اهو مسئلو حل نٿو ٿئي تيستائين اهو شوڪاز نوٽيس غيرقانوني آهي. شوڪاز نوٽيس تي پڻ ڊي جي لا جون صحيحيون آهن. پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته اسان جي هاءِ ڪورٽ ۾ 31 آڪٽوبر تي شنوائي آهي، توهين ڪيس جي شنوائي لاءِ ٻي ڪا تاريخ مقرر ڪئي وڃي. اليڪشن ڪميشن چيو ته نوٽيس اليڪشن ڪميشن جاري ڪيا آهن، سيڪريٽري طرفان نوٽيس ناهي ڏنو ويو. هن رڳو اطلاع ڏنو آهي. انور منصور چيو ته اسد عمر کي گذريل رات ڌمڪيون مليون آهن، وٽس سيڪيورٽي ناهي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر چيو ته اسان وٽ 10 نومبر کانپوءِ فرد جرم لاڳو ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به آپشن نه هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button