اسلام آبادپاڪستان

بلاول ڀٽو طرفان بلوچستان ۾ پوليو ٽيم تي حملي جي مذمت

اسلام آباد : پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو بلوچستان جي ضلعي پشين ۾ پوليو ٽيم تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي قسم جون بزدلاڻيون ڪارروائيون پوليو ۽ دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن. بلاول ڀٽو زرداري پوليو ٽيم جي سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪار جي شهادت تي ڏل جو اظهار ۽ شهيد اهلڪار محمد هاشم جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ ٻڌي جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اميد آهي ته حملي ۾ ملوث دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويندو. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خلاف جنگ ۾ مصروف پوليو ٽيمن جي هرهڪ ڪارڪن جي حوصلي، جذبي ۽ همت کي سلام آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button