اسلام آبادپاڪستان

ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ ٺاهيل ٽيم جي نئين سر جوڙجڪ

اسلام آباد : گهرو وزارت طرفان سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ ٺاهيل ٽيم جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي آهي. گهرو وزارت طرفان جاچ ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب ٻه رڪني ڪميٽي ۾ ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر اطهر وحيد ۽ انٽيليجنس بيورو جو ڊپٽي ڊائريڪٽر عمر شاهد حامد شامل آهن. نوٽيفڪيشن موجب جاچ ٽيم فوري طور ڪينيا جو دورو ڪندي. گذريل ڏينهن ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي جي ميمبرن جو انگ ٽي هو جنهن آءِ ايس آءِ جو ڪرنل سعد احمد پڻ شامل هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button