پاڪستانسنڌ

نواب ولي محمد ڀرسان موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ ڪري نوجوان فوت

قاضي احمد: نواب ولي محمد ويجهو ڳوٺ علي حسن کوسو ۾ پاڻيءَ جي موٽر ٺاهيندي 28 سالن جو نوجوان حب علي کوسو ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. قومي شاهراهه تي قائم نواب ولي محمد اسپتال ۾ ايمرجنسي سينتر نه هجڻ ڪري زخمي نوجوان کي تعلقا اسپتال قاضي احمد منتقل ڪيو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو. فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. واضع رهي ته قومي شاهراهه تي قائم نواب ولي محمد شهر ۾ ايمرجنسي سينٽر نه هجڻ ڪري ڪيترائي حادثي جو شڪار ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button