پاڪستانسنڌ

رانوتي ڀرسان ٻن ڌرين ۾ خوني تڪرار ڀڙڪي پيو، معصوم ٻارڙو قتل

اوٻاوڙو: رانوتي ڀرسان ڪچي ۾ ٻن ڌرين ۾ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، ٻارڙو قتل تفصيل موجب رانوتي ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ امير بخش ڌونڌو تي ھٿياربندن چڙھائي ڪري جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ 7 سالن جو ڌنار سعيد پٽ موريو ڌونڌو قتل ٿي ويو. جڏهن ته معصوم ٻارڙي جي قتل بعد ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون ۽ هڪ ٻئي تي ڇتي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ڇائنجي ويو. ٻي طرف اطلاع باوجود رانوتي پوليس ڪچي واري علائقي ۾ نه پهتي، جنهن ڪري مقتول ٻارڙي جا وارث لاش کڻي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پهتا. جڏهن ته معصوم ٻارڙي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو. جڏهن ته ٻنھي ڌرين ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button