سنڌ

سنڌ حڪومت سيڙپڪارن کي ڀرپور موقعا فراهم ڪندي:آصف زرداري

جرمن قونصليٽ آمد جي موقعي تي جرمن قونصل جنرل اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي جرمني جي پرچم جي رنگن سان تيار سنڌ ٽوپي پارائي. تفصيل مطابق آصف علي زرداري جرمن قونصليٽ جو دورو ڪيو، جتي قونصل جنرل ڊاڪٽر روڊيگر لوٽز سندس استقبال ڪيو. ملاقات ۾ گڏيل مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اڳوڻي صدر سنڌ ۾ توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي وٺڻ تي جرمن سيڙپڪارن جي آجيان ڪئي. آصف علي زرداري چيو ته سنڌ حڪومت سيڙپڪارن کي سرمايو لڳائڻ جا ڀرپور موقعا فراهم ڪندي، جرمن قونصل جنرل ڳالهه ٻولهه ۾ صوفين جي سرزمين سنڌ جي قديم ثقافتي ورثي ۽ شهر ڪراچي جي ڀرپور ثقافتي زندگي لاءِ پسنديدگي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته جرمني مان آيل سيڙپڪارن سنڌ ۾ متبادل توانائي، سولر انرجي ۽ ٻين منصوبن ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. ڊاڪٽر روڊيگر لوٽز چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط گهاٽا لاڳاپا آهن، هي ثقافتي ۽ معاشي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button