سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ رٽائرڊ ماسترياڻي جو پلاٽ تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي شاهه بهارو ڪالوني واسڻ رٽائرڊ ماسترياڻي رضيا سلطانه ابڙو لاڙڪاڻي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مون سال 2017ع ۾ بلڊر عبدالستار ڪلهوڙي کان انڊس ويلي ۾ 14 لک 4 هزار عيوض 3600 چورس فوٽ پلاٽ خريد ڪري پئسا ادا ڪرڻ بعد ان تي اڏاوتي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ عبدالستار ڪلهوڙو کي قبضو ڏيڻ جو چيو، جنهن تي هن قبضو ڏيڻ بدران ڊاڪٽر بدرالدين جوڻيجو ۽ يوسي وائيس چيئرمين اسد کرل ڏانهن موڪلي ڇڏيو، جن کي ايلاز منٿون ڪيون پر انهن منهنجي هڪ به نه ٻڌي ويتر انهن ڌمڪيون ڏئي پلاٽ هڪ ڊاڪٽرياڻي کي ڏئي ڇڏيو آهي، اهڙي شڪايت ڊي آءِ جي کي ڪئي معاملي جي جاچ ڪرائي اهو پلاٽ مون کي ڏيڻ لاءِ اسد کرل کي هدايت ڪئي پر هن وقت تائين مون کي خريد ڪيل پلاٽ جو قبضو ملي نه سگهيو ويتر عبدالستار ڪلهوڙو، ڊاڪٽر بدرالدين جوڻيجو ۽ اسد کرل سميت ٻيا بااثر پلاٽ مالڪي تان هٿ کڻڻ لاءِ منهنجي پٽ مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جيڪا وڏي ناجائزي آهي. هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته پلاٽ تان قبضو ختم ڪرائي ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button