سنڌ

صحافين جي قتل عام خلاف سنڌ صحافي اتحاد جا مظاهرا

سينيئر صحافي ارشد شريف جي ڪينيا ۾ قتل ۽ سنڌ ۾ صحافين جي قتل عام خلاف سنڌ صحافي اتحاد پاران سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. هنن مطالبو ڪيو ته صحافي ارشد شريف جي قتل جي گڏيل قومن پاران جاچ ڪرائي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. حيدرآباد ۾ سنڌ صحافي اتحاد حيدرآباد پاران اولڊ ڪئمپس کان پريس ڪلب تائين سينيئر صحافي نعمت کهڙو، شريف ابڙو، خادم چانڊيو، عزيز راج ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪينيا ۾ صحافي ارشد شريف کي قتل ڪيو ويو، سنڌ ۾ به گذريل ڪيتري عرصي کان صحافين کي ٽارگيٽ ڪري ماريو پيو وڃي. جيڪو عمل آزاد صحافت کي دٻائڻ جي ڪوشش آهي. صحافي نريش ڪمار، امر اجي ڪمار لالواڻي ۽ عزيز ميمڻ جهڙن قتل جا واقعا اڄ به انصاف جا منتظر آهن. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي مقتول صحافين جي واقعن جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي مقتولن جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. لاڙڪاڻي ۾ صحافين سينيئر صحافي عبدالقادر جاگيراڻي، ايم يونس ڏيٿو، سلامت ابڙو، خان راجا مگسي، محمد ادريس بلوچ، ياسين ابڙو، عبدالحفيظ منگي، مسعود ابڙو، طارق چنو، مومن ڪنگو، مشتاق جاگيراڻي، ذيشان کوکر، نادر مائري، نويد سومرو، الطاف کهاوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. باقراڻي ۾ قلم ڌڻين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سينيئر صحافي لالا برڪت بلوچ، اياز شاهه بخاري، احمد شيخ، عظيم آزاد ميئو راجپوت، احمد نواز بلوچ، حبيب الرحمان ڀاڳت، ساگر مجاهد تنيو، غلام نبي حالتي، مير شڪيل، ڪريم مينگل، عبدالجبار دايو ۽ عمران ميمڻ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. باڊھه ۾ پڻ حسن ڪلهوڙو، نظام ڪولاچي، مير مرتضى گوپانگ، نجم ڪوري، اصغر ڍڪڻ، محمد علي منگي، وقار پٺاڻ، لياقت چنا، منور نوناري، ڪامران ساريو، امام الدين ڪانڌڙو ۽ ٻين ريلي ڪڍي. قمبر ۾ صحافين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ڪامريڊ جي ايم سانگاهھ، حاڪم علي خاصخيلي، عبدالرحيم منگي، محمد مٺل کوسو، نياز حسين تنيو، حاجي مولابخش مغيري، نور احمد کوسو، محمود شيخ ۽ ٻين احتجاج ڪيو. ڳڙهي حسن ۾ صحافين غلام رباني سرڪي، امام بخش ڌوئو، رفيق سرڪي، گلزار کوسو، عبدالصمد کوسو، ڌڻي بخش ڌوئو، عامر سرڪي، مير حسن مير، قدير سرڪي ۽ پرويز سرڪي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. جونگل ۾ پريس ڪلب جي صحافين صدر راشد ميراڻي، عبدالقادر پهوڙ، جاويد سميجو، مزار کوسو، سلطان پهوڙ، سماجي اڳواڻن علي گوهر ٻرڙو، سومر خان پهوڙ، عبدالغفار پهوڙ، مير شهداد پهوڙ ۽ محمد بخش پهوڙ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. دوداپور ۾ صحافين دريا خان بروهي، صالح مندراڻي، حنيف مندراڻي، علي نواز ملغاڻي، غوث بخش ڪٽوهر، بشير ڪٽوهر، مختيارڏاهاڻي، بخشل مندراڻي، اختيار مندراڻي، گل محمد لاشاري، مسڪين ٻٻر، عبدالقيوم جکراڻي، عبدالرحيم لهر، مزار ڪٽوهر، انيس جکراڻي، اعجاز مندراڻي، ابراهم لهر، بهرام ڏاهاڻي ۽ ٻين احتجاج ڪيو. ڪشمور ۾ صحافين قائم الدين ڪلوڙ، ڪرپال داس ڪيسواڻي، ڊاڪٽر دليپ، احمد نواز گولاٽو، ارشد علي ڪلوڙ، رشيد احمد ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. پڊعيدن ۾ صحافين ڌرڻو هنيو. نوابشاهه ۾ صحافين امداد مغيري جي اڳواڻي ۾مظاھرو ڪيو. اهڙي طرح خانپور مهر، پيرڳوٺ، سيتاروڊ، ٽنڊو غلام علي، دادو، راڌڻ، گولاڙچي، بدين ۽ جيڪب آباد ۾ مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button